مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

مجبوري آ پيڇو نه ڪجو: شھدادپور ۾ چور اسڪول مان چوري بعد نياپو لکي ويو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

شهدادپور ۾ هڪ دلچسپ واقعو پيش آيو آهي، چور چوريءَ بعد “مجبوري آ، بک تي آهيان” جو نياپو لکي ويو. ان سلسلي ۾ شھدادپور شھر جي ابدال نگر پاڙي ۾ پرائمري اسڪول مان اڻڄاتل چور پاڻي وارو موٽر، پکا ۽ ٿڌي پاڻي واري مشين چورائي ويو. هيڊ ماستر اشفاق ميمڻ موجب گذريل رات دير سان نامعلوم چور دري مان ٽپي 3 پکا، پاڻي واري موٽر ۽ ٿڌي پاڻي جي مشين چوري ڪري ويو، نوٽيس وٺي چوري واپس ڪرائي وڃي. ذريعن موجب مبينا چور ڪلاس جي بورڊ تي لکي ويو ته راشن ناھي مليو، بک تي آهيون، ان ڪري اسڪول مان چوري ڪرڻي پئجي وئي آھي، بورڊ تي لکيل آھي ته مهرباني ڪري پيڇو نه ڪيو وڃي. ٻئي طرف چوري واقعي سبب شاگردن ۽ استادن ۾ سخت تاءُ پکڙيل آهي، پوليس واقعي جي رپورٽ درج ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو