مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ حڪومت جا سمورا کاتا اسڪيمن جي پڄاڻي سان گڏ نين پوسٽن جي منظوري ڏين: وڏو وزير

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سمورن کاتن خاص طور تي تعليم ۽ صحت کي هدايت ڪئي آهي ته هو پنهنجين اسڪيمن جي پڄاڻي سان گڏ نين پوسٽن لاءِ نوان خرچ به منظور ڪن ته جيئن اهي (اسڪيمون) عوام جي مفاد خاطر فعال ٿي سگهن. هن اها ڳالهه خميس ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ صحت، تعليم، پي اينڊ ڊي ۽ ناڻي کاتن جي گڏيل اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، وزير تعليم سيد سردار شاهه، پارلياماني سيڪريٽري صحت قاسم سومرو، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري فياض جتوئي، ناڻي وارو سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو ۽ لاڳاپيل سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير مختلف کاتن سان پنهنجي گذريل اجلاس ۾ ٻڌايو هو ته اسڪيمون مڪمل ٿي رهيون آهن، پر غير ترقياتي خرچن جي سمري (SNE’s) منظوري لاءِ التوا هيٺ آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اسڪيمون مڪمل ٿيڻ باوجود ڪم نه ٿيون ڪن. تنهنڪري هن ايس اين ايز جي منظوري جي عمل کي آسان بڻائڻ لاءِ لاڳاپيل کاتن جو گڏيل اجلاس سڏرايو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو