مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

آسٽريليا ۾ “برمبيز” نسل جي هزارين گهوڙن کي فائرنگ ڪري مارڻ جو فيصلو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

آسٽريلوي اختيارين موجب سڀني کان وڏن قومي پارڪن مان هڪ ۾ هيليڪاپٽر ذريعي جنگلي گهوڙن کي هوا مان فائرنگ ڪري مارڻ جو عمل ٻيهر شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. رپورٽن مطابق ڏکڻ اوڀر آسٽريليا جي ڪوسڪيوسڪو نيشنل پارڪ ۾ لڳ ڀڳ 19 هزار جنگلي گهوڙا آهن، جن کي “برمبيز” چيو وڃي ٿو. جنهن کي نقصانده سمجهيو وڃي ٿو ڇو ته اهي مٽيءَ کي ڀورين ٿا ۽ ٻوٽن کي چيري ضايع ڪري ڇڏين ٿا ۽ ننڍن جانورن جي ٻرن کي به نقصان پهچائن ٿا. رپورٽن مطابق اهي جنگلي گهوڙا پنهنجي کاڌي ۽ رهائش لاءِ ٻين جانورن سان مقابلو ڪن ٿا ۽ پاڻيءَ جي ذريعن کي ناقابل استعمال بڻائن ٿا. ان کان اڳ 2000ع ۾ به ان نسل جي 600 گهوڙن کي ٽن ڏينهن اندر ماريو ويو هو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو