مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ چونڊ شيڊيول 54 ڏينهن جو رکڻ جو فيصلو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ صدر ۽ گورنر سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اليڪشن ڪميشن جو اهم اجلاس چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ ڪلهه به جاري رهيو، اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن جا ميمبر ۽ سينئر آفيسر شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي چونڊن جي حوالي سان فيصلي تي غور ويچار ڪيو ويو. انهي ڏس ۾ صدر ۽ گورنر سان مشاورت سيڪيورٽي ۽ فنڊن جي معاملن تي غور ڪيو ويو، اجلاس ۾ ڪي پي ڪي ۾ چونڊن جي حوالي سان گورنر ڪي پي ڪي سان مشاورت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته پنجاب جي چونڊن جي لاءِ صدر سان مشاورت ڪئي ويندي. اليڪشن ڪميشن اتفاق ڪيو آهي ته چونڊ شيڊيول 54 ڏينهن جو رکيو ويندو، رمضان مهيني ۽ عيدالفطر جي تاريخن کي نظر ۾ رکي شيڊيول ترتيب ڏنو ويندو، اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي انهي جي روح موجب عمل ڪيو ويندو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو