مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

عسڪري ٺڪاڻن تي حملن جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو فيصلو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پنجاب حڪومت وڳوڙن دوران سول ۽ عسڪري ٺڪاڻن تي حملن جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪري ورتو. نگران وڏي وزير محسن نقوي پاران وڳوڙين کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ ڪارروائيون تيز ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو  آهي. جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم جوڙڻ جو فيصلو نگران وڏي وزير جي صدارت هيٺ امن امان بابت ٿيل اجلاس دوران ڪيو ويو. جي آءِ ٽي واقعن جي جاچ ڪرائي پنهنجي جامع رپورٽ حڪومت کي پيش ڪندي،  ڀڃ ڊاهه وارن سمورن واقعن جي جيو فينسنگ ڪرائي ويندي، شرپسندن خلاف سمورا ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالتن ۾ هلايا ويندا. محسن نقوي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته جناح هائوس سميت سول، عسڪري ۽ نجي ملڪيتن کي نقصان پهچائيندڙ عبرتناڪ سزا کان نه بچي سگهندا، پاڪ فوج خلاف بيان ڏيندڙ رياست جو دشمن آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو