مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سائفر ڪيس ۾ عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ تاريخ مقرر

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ شاهه محمود قريشي تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 17 آڪٽوبر جي تاريخ مقرر ٿي وئي. اسلام آباد جي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ڪورٽ جي جج ابو الحسنات شاهه محمود قريشي خلاف اڊيالا جيل ۾ ڪيس جي ٻڌڻي هلائي.  اسپيشل پراسيڪيوٽر ذوالفقار نقوي، وڪيل سلمان صفدر، ايف آءِ اي جي ٽيم ۽ جاچ آفيسر چالان جي ڪاپي سان گڏ پيش ٿيا. شاهه محمود قريشي جي ڌيءَ ۽ پٽ زين قريشي به اڊيالا جيل پهتا، ٻڌڻي دوران سائيفر ڪيس ۾ چالان جون ڪاپيون ورهايون ويون. عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ شاهه محمود قريشي تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 17 آڪٽوبر جي تاريخ مقرر ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو