مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس: عمران خان، اسد عمر ۽ فواد جا گرفتاري وارنٽ جاري

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان توهينِ اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان، اسد عمر ۽ فواد چوڌري جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. اليڪشن ڪميشن جي ميمبر نثار دراني جي سربراهيءَ ۾ 4 رڪني بئنچ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان، اسد عمر ۽ فواد چوڌري جون حاضريءَ کان ڇوٽ واريون درخواستون به رد ڪري ڇڏيون، جڏهن ته ڪيس جي ٻڌڻي 17 جنوري تائين ملتوي ڪئي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن عمران خان، اسد عمر ۽ فواد چوڌري جي حاضريءَ کان ڇوٽ وارين درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪيو هو. اطلاعن موجب انهن ٽنهي رهنمائن اليڪشن ڪميشن ڪيس جي توهين جي نتيجي ۾ 50، 50 هزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو