مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

نگران وزيراعظم لاءِ مشاورت جاري آهي، 2023ع اليڪشن جو سال ناهي: وفاقي گهرو وزير

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته 2023ع اليڪشن جو سال ناهي، نگران وزيراعظم لاءِ حفيظ شيخ سميت ٻين نالن تي مشاورت ٿي رهي آهي، اڃا ڪو به نالو فائنل ناهي ٿيو. هن جو چوڻ هو ته آئين ۾ لکيل آهي ته 2017ع ۾ جيڪا آدمشماري ٿي، ان تي ٻيهر اليڪشن نه ٿي سگهندي، آئين ۾ اهو به لکيل آهي ته آدمشماري ٿي وڃي ته تڪبنديون ضروري آهن، نگران حڪومت آئيني گهرجن کي پورو ڪري تڪبنديون ڪرائيندي. وفاقي گهرو وزير چيو ته تڪبندين ۾ لڳ ڀڳ 120 ڏينهن لڳن ٿا، اليڪشن ملتوي نه ٿيندي ۽ نگران حڪومت بروقت اليڪشن جو بندوبست يقيني بڻائيندي، نگران وزيراعظم لاءِ حفيظ شيخ يا ٻين نالن تي ڊسڪشن ٿي رهي آهي. هن چيو ته  اڃا ڪو به نالو لاڪ ناهي ٿيو، اڄ شام يا سڀاڻي تائين نگران وزيراعظم جو نالو شايد فائنل ٿي وڃي، دهشتگردن سان ڳالهيون نه ڪرڻ جي پاليسي اڄ جي نه اڳ جي آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو