مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

آئيني اشوز ۾ منجهائي عدالت جو امتحان ورتو ويو: چيف جسٽس

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

چيف جسٽس عمرعطا بنديال چيو آهي ته آئيني اشوز ۾ منجهائي عدالت جو امتحان ورتو ويو، جيڪي واقعا پيش آيا اهي ورجائڻ نه ٿو چاهيان، عدالت سخت آزمائش ۽ امتحان واري صورتحال جو شڪار ٿي، ان سان عدالتي ڪارروائي متاثر ٿي. تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته چيف جسٽس طور هن سالياني تقريب کي آخري خطاب ڪري رهيو آهيان، گذريل سال هن تقريب ۾ عدالتي ڪارڪردگي  تي روشني وڌي هئي. هڪ سال دوران سپريم ڪورٽ رڪارڊ 23 هزار ڪيس اڪلايا، التوا هيٺ پيل ڪيسن جي انگ ۾ 2 هزار ڪيسن جي ئي گهٽتائي ڪري سگهياسين. هن چيو ته عدالت پاڻ به سخت آزمائش واري ماحول جو شڪار ٿي. پيش آيل واقعن کي ورجائڻ نه ٿو چاهيان، سمورن واقعن کي آڊيو ليڪس ڪيس ۾ پنهنجي فيصلي جو حصو بڻايو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو