مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ساين ڪُمين جا 430 ٻچا سينڊزپٽ جي سامونڊي ڪناري تي ڇڏيا ويا

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ميرين ٽرٽلز ڪنزرويشن يونٽ جي انچارج اشفاق علي ميمڻ چيو آهي ته ساين ڪُمين جا 430 ٻچا سينڊزپٽ جي ڪناري تي ڇڏيا ويا. هڪ بيان ۾ هن ٻڌايو ته هلندڙ سال ساين ڪُمين جا 1370 ٻچا سمنڊ ۾ ڇڏيا ويا آهن. اشفاق علي ميمڻ جو چوڻ آهي ته گذريل رات سمنڊ ۾ ڪُمين جي ٻچن کي سمنڊ ۾ ڇڏڻ واري موقعي تي اسڪول جي ٻارن به شرڪت ڪئي. هن وڌيڪ ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو ته هلندڙ سال ۾ هيستائين 19 هزار جي ويجهو انهن ڪُمين جا بيدا جمع ڪيا ويا، سندن نسل جي واڌ لاءِ ايندڙ 5 ماده ڪُمين کي ساحل تي اچڻ کانپوءِ ٽيگ به لڳايا ويا آهن. ٽيگ لڳائڻ جو مقصد انهن بيدا ڏيندڙ ماده ڪُمين جو سامونڊي ڪناري تي بيدا ڏيڻ ۽ رهائش جي باري ۾ تحقيق ڪرڻ آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو