مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سائفر ڪيس: عمران خان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ضمانت جي درخواست دائر ڪري ڇڏي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

چيئرمين پي ٽي آئي عمران خان سائفر ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ضمانت جي درخواست دائر ڪري ڇڏي. عمران خان پنهنجي وڪيل بئريسٽر سلمان صفدر ذريعي هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست دائر ڪئي آهي، جنهن ۾ کيس ضمانت تي آزاد ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته استغاثه بدنيتي تي ٻڌل مقدمو درج ڪيو ۽ مون کي بدنيتي سان ان من گهڙت مقدمي ۾ نامزد ڪيو ويو. 14 سيپٽمبر تي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي خصوصي عدالت بي ضابطگين ۽ استغاثه جي ڪيترن ئي تضادن کي مڪمل طور تي نظرانداز ڪندي منهنجي درخواست مسترد ڪري ڇڏي. ياد رهي ته آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي خصوصي عدالت عمران خان جي درخواست ضمانت مسترد ڪري ڇڏي هئي. جج ابوالحسنات ذوالقرنين طرفان تحريري فيصلي ۾ چيو ويو هو ته اسان ان ڳالهه کي نظر انداز نٿا ڪري سگهون ته هي هڪ ٽاپ سيڪريٽ ڪيس آهي ۽ عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي خلاف ناقابل ترديد شاهديون ڪيس سان تعلق ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن. ملزمان آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي سيڪشن 5 ۽ 9 ۽ ناقابل ضمانت دفعات جي بظاهر ڏوهن جا مرتڪب ٿيا آهن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو