مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

نگران حڪومت پاڪستان کي معاشي حب بنائڻ چاهي ٿي: وزير خزانه

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

نگران وزير خزانه ڊاڪٽر شمشاد اختر چيو آهي ته اقتصادي خوشحالي لاءِ ٽيڪسن ۾ ڇوٽ ڏيڻ جي انحصار کي ختم ڪري سرمايه ڪاري ۾ سهولت ڏيڻ تي توجهه ڏيڻي پوندي. تفصيلن موجب نگران وفاقي وزير خزانه ڊاڪٽر شمشاد اختر جي صدارت هيٺ اسپيشل ٽيڪنالاجي زون ۽ اسپيشل اڪنامڪ زون ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ خصوصي ٽيڪنالاجي زونن ۽ خصوصي اقتصادي زونن ۾ سهولتن ۽ ترغيبن جي حوالي سان ٿيندڙ پيش رفت جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ آئي ٽي جي وزير ڊاڪٽر عمر سيف، وزيراعظم جي مشير احمد چيمه، سينيٽر افنان الله، سيڪريٽري خزانه، سيڪريٽري قانون، چيئرمين ايف بي آر، چيئرمين ايس ٽي زيڊ اي، چيئرمين سي ڊي اي ۽ وزارت خزانه و ايف بي آر جي سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ خصوصي ٽيڪنالاجي زونن جي تقابلي ماڊل ۽ موجوده خصوصي ٽيڪنالاجي زونن ۽ خصوصي اقتصادي زونن ۾ پيش رفت ۽ چئلينجن جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو