مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

توشه خانه تحفن جي نيلامي واري ڪيس ۾ بشريٰ بي بي جي حفاظتي ضمانت منظور

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

توشه خانه جي تحفن جي نيلامي واري ڪيس ۾ بشريٰ بي بي جي حفاظتي ضمانت منظور، اسلام آباد جي احتساب عدالت 5 لک روپين جي مچلڪن عيوض بشريٰ بي بي جي 12 سيپٽمبر تائين گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪئي. بشريٰ بي بي عدالت آڏو پيش ٿي حاضري لڳائي، جج ابوالحسنات ذوالقرنين چيو ته بشريٰ بي بي صحيح ڪري ورتي آهي ته کيس عدالتي ڪمري مان روانو ڪيو وڃي. بشريٰ بي بي جي وڪيل لطيف کوسا چيو ته بشريٰ بي بي پي ٽي آءِ چيئرمين سان ملاقات لاءِ جيل وئي، جيل جي آفيسر پي ٽي آءِ چيئرمين کي جيل اندر کاڌو ڏيڻ لاءِ 10 هزار روپيا گهريا. جيل جي آفيسر چيو ته 10 هزار روپيا ڏيندا ته قيديءَ کي جيل اندر توهان جي مرضيءَ جو کاڌو ملندو، بعد ۾ جيل آفيسر بشريٰ بي بي تي رشوت ڏيڻ جا الزام هنيا.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو