مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ماڙي جلباڻي واقعي خلاف عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ماڙي جلباڻي واري واقعي خلاف وڪيل تنظيمن جي سڏ تي سموري سنڌ ۾ عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪيو ويو آهي. سنڌ بار ڪائونسل ۽ ڪراچي بار ڪائونسل جي سڏ تي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن. ڪراچي جي سٽي ڪورٽ ۽ ملير ڪورٽ سميت سمورين عدالتن ۾ عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، وڪيل عدالتن ۾ پيش نه ٿيا. حيدرآباد، سکر، جيڪب آباد، عمرڪوٽ ۽ نوشهروفيروز ۾ به وڪيلن احتجاج ڪيو. قمبر، ڪنري ۽ ميهڙ ۾ به عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪيو ويو. سنڌ بار ڪائونسل ۽ ڪراچي بار ڪائونسل جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ماڙي جلباڻي ۾ بي گناهه ڳوٺاڻن تي فائرنگ ڪري کين قتل ڪيو ويو، واقعي ۾ ملوث اهلڪارن جي گرفتاري تائين خاموش ٿي نه ويهنداسين.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو