مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

شڪارپور ڪچي ۾ ٿاڻي تي ڌاڙيلن جو حملو، ايس ايڇ او، سندس پٽ ۽ 3 اهلڪار اغوا

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پوليس اختيارين موجب خانپور ڀرسان ڪوٽ شاهو ٿاڻي تان اغوا ٿيلن ۾ ايس ايڇ او محبوب بروهي، سندس پٽ محمد بروهي، وڏو منشي نسيم گوپانگ، اهلڪار جان محمد بکراڻي ۽ اياز علي ڪنڀر شامل آهن. اختيارين موجب ٿاڻي جي احاطي ۾ ئي ڌاڙيلن پوليس جي فيملي ڪوارٽرن وٽان ايس ايڇ او جي پٽ محمد بروهي کي اغوا ڪيو، ڌاڙيل ٿاڻي ۾ موجود سرڪاري هٿيار به کڻي ويا. اطلاع ملندي ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفيٰ ڪورائي پوليس جي اٽالن سميت واقعي واري هنڌ پهتو ۽ پيرا کڻائي ڪچي طرف روانو ٿي ويو. اطلاعن موجب ڪوٽ شاهو ٿاڻي جي حد مان ڪجهه ڏينهن اڳ پوليس آپريشن دوران 2 خطرناڪ ڏوهاري گرفتار ڪيا ويا هئا، جن جي سر جي قيمت به مقرر ٿيل آهي. ڌاڙيلن طرفان مطالبو ڪيو ويو ته سندن ساٿين کي آزاد ڪيو وڃي، پر پوليس گرفتار ڪيل ٻنهي ڏوهارين کي آزاد نه ڪيو، جنهن جي ردعمل ۾ ڌاڙيلن ڪوٽ شاهو ٿاڻي تي حملو ڪري پوري عملي کي يرغمال بڻائي ورتو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو