مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

بلوچستان: 54 ٻارن جو پيءُ لاڏاڻو ڪري ويو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

بلوچستان سان تعلق رکندڙ 54 ٻارن جو پيءُ عبدالمجيد مينگل لاڏاڻو ڪري ويو. بلوچستان جي ضلعي نوشڪي سان تعلق رکندڙ عبدالمجيد مينگل دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو. 75 ورهين جي عبدالمجيد مينگل 6 شاديون ڪيون، سندس پهرين شادي 18 سالن جي عمر ۾ ٿي، جڏهن ته ٻه گهرواريون سندس حياتيءَ ۾ ئي فوت ٿي ويون هيون. واضح رهي ته عبدالمجيد 2017ع جي آدمشماري دوران ميڊيا جي سرخين ۾ آيو هو، هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته هن هميشه ٻارن جي بهتري لاءِ محنت ڪئي ۽ کين سٺي تعليم ڏني ۽ وڏن ٻارن کي اعليٰ تعليم ڏني. عبدالمجيد مينگل جي گهر ۾ 54 ٻار پيدا ٿيا، خوراڪ جي کوٽ سبب سندن 12 کان وڌيڪ ٻارڙا فوت ٿي ويا.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو