مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪراچي پوليس آفيس تي حملو سيڪيورٽي هاءِ الرٽ

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڪراچي پوليس آفيس تي حملي کانپوءِ ريلوي پوليس سمورن ريلوي اسٽيشنن، پليٽ فارمن ۽ ريل گاڏين جي سيڪيورٽي کي هاءِ الرٽ ڪري ڇڏيو آهي، پوليس ذريعن موجب آئي جي ريلوي جي حڪمن جي روشني ۾ سمورين ڊويزنن جي ايس پيز کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ريلوي اسٽيشنن ۽ ٽرينن کي بم ڊسپوزل اسڪواڊ ۽ اسپيشل برانچ ذريعي سرچ ۽ ڪليئر ڪرڻ جا حڪم ڏنا ويا آهن. واضح رهي ته گذريل رات دهشتگردن ڪراچي پوليس آفيس تي حملو ڪيو هو جنهن کي سيڪيورٽي فورسز ناڪام بڻايو هو، آپريشن دوران ٽي دهشتگرد ماريا ويا هئا جڏهن  ته حملي ۾ 2 پوليس جوان ۽ هڪ رينجرز اهلڪار سميت 4 ڄڻا شهيد ٿيا هئا.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو