مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پارس شاھ ڪيس ۾ گرفتار جوابدار عدالت ۾ پيش

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پارس شاھ قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار کي سانگهڙ پوليس حيدرآباد جي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو. پوليس موجب جوابدار اسرار شاهه کي سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 9 جي عدالت ۾ رمانڊ لاءِ پيش ڪيو ويو آهي. پوليس  موجب سحر شاھ رضوي جي ڀاءُ پارس شاھ جو 7 مھينا اڳ پنھنجي قاسم آباد جي ڀٽائي ٽائون واري گھر مان 3 ڏينهن پراڻو لاش مليو هو. آءِ جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ ڄاڻايل جاچ ايس ايس پي سانگھڙ بشير احمد بروھي حوالي ڪئي هئي. پوليس موجب هاڻي اسان جو جاچ سان ڪو تعلق ناهي ڪيس لاڳاپيل ڪورٽ ۾ هليو پئي ان لاءِ انهن ئي جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪيو آهي. پارس شاھ جي قتل ۾ گرفتار جوابدار اسرار شاھ اعترافي بيان ڏيندي ڄاڻايو آهي ته کيس پارس جي زال فرزانه ۽ ان جي ڀاءُ جي چوڻ تي مٿي ۾ ڌڪ هڻي قتل ڪيو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو