مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پنجاب: فوجي ملڪيتن تي حملو ڪندڙن خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي جي فيصلي جي منظوري

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پنجاب جي نگران حڪومت عسڪري ادارن تي حملن ۾ ملوث وڳوڙين خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائيءَ جي فيصلي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. نگران وڏي وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ امن امان جي صورتحال ۽ 9 مئي جي دهشتگردي جي واقعن جي ذميوارن خلاف قانوني ڪاررواين جو جائز ورتو ويو. اجلاس ۾شرپسندن خلاف ڪيسن لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جي منظوري به ڏني وئي، نگران وڏي وزير 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث ماڻهن جي گرفتاري جلد يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏيندي دهشتگرديءَ جي واقعن جي اصل ذميوارن جي سڃاڻپ لاءِ سمورن سيڪيورٽي  ادارن  کي گڏيل سهڪار  تي زور ڀريو. نگران وڏي وزير هدايت ڪئي ته جوابدارن، سهولتڪارن ۽ ماسٽر مائينڊز  تائين پهچڻ لاءِ موثر مڪينزم جوڙيو وڃي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو