مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سکر ۾ هڪ ٻيو صحافي قتل

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سکر ۾ سينيئر صحافي جان محمد مهر کي  قاتلاڻو حملو ڪري قتل ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ جان محمد مهر معمول مطابق آفيس کان گهر وڃي رهيو هو ته لڪس پارڪ سامهون تاڙ ۾ بيٺل هٿياربندن مٿس سڌي فائرنگ ڪري کيس زخمي ڪري ڇڏيو. سينيئر صحافي جان محمد مهر ڳلي، هٿ ۽ اک مٿان گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو. کيس ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ سکر جي خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. کيس هڪڙي گولي ڳلي ۾ لڳي، ٻي گولي ساڄي اک مان لڳي ٻئي پاسي کان نڪتي. پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ايس ايس پي سکر جو چوڻ آهي ته برادري وچ ۾ جهيڙي سبب واقعو پيش آيو آهي. وڌيڪ جاچ ڪريون پيا. هوڏانهن وارثن جو چوڻ هو ته جان محمد کي ڪجهه ڏينهن کان ڌمڪيون ملي رهيون هيون. هوڏانهن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. ٻئي طرف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به سکر جي سينيئر صحافي جان محمد تي قاتلاڻي حملي جو نوٽيس ورتو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو