مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پاڪستان ۾ صداڪاري ۽ اداڪاري جو هڪ دور پڄاڻيءَ تي پهتو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ناميارو ٽي وي اينڪر، هدايتڪار، صداڪار ۽ ليکڪ ضياءُ محي الدين لاڏاڻو ڪري ويو. هو ڪجهه عرصي کان بيمار هو، اڄ صبح 6 وڳي 92 سالن جي عمر ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. 20 جون 1931 تي فيصل آباد ۾ جنم وٺندڙ ضياءُ محي الدين لنڊن جي رايل اڪيڊمي آف ڊراماٽڪ آرٽ مان اداڪاري جي باقاعده سکيا ورتي، ضياءُ محي الدين پرڏيهه ۾ به فلم ۽ ٿيٽر لاءِ ڪم ڪيو. 1962 ۾ هن هالي ووڊ جي مشهور فلم لارنس آف عريبيه ۾ به لازوال ڪردار ادا ڪيو، پي ٽي وي تان پنهنجي نالي سان شو سميت هن ڪيترائي پروگرام ڪيا، هلال امتياز سميت ڪيترائي ايوارڊ ماڻيا. 2005 کان 2021 تائين نيشنل اڪيڊمي آف پرفارمنگ آرٽس سان باني ۽ سربراهه طور واڳيل رهيو، 2022 ۾ ضياءُ محي الدين شيڪسپيئر جي ڊرامي روميو اينڊ جوليئٽ کي اردو زبان ۾ پيش ڪري شاگردن کي ڪلاسيڪل ٿيٽر به سيکاريو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو