مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

مبينا ڌيءَ لڪائڻ وارو معاملو: نااهلي ڪيس ۾ عمران خان جي وڪيل کي جواب جمع ڪرائڻ جي مهلت

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان طرفان مبينا ڌيءُ ٽيريان کي لڪائڻ بابت نااهلي واري ڪيس تي پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل کي لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق عمران خان خلاف نااهلي ڪيس تي ٻڌڻي هلائي، ٻڌڻي دوران عمران خان جو وڪيل سلمان اڪرم راجا ۽ اليڪشن ڪميشن جو وڪيل پيش ٿيا. عمران خان جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته عمران خان جي مبينا ڌيءُ ٽيريان جي معاملي تي پهرين ئي فيصلو ٿي چُڪو آهي، جسٽس عامر فاروق چيو ته اوهان اُن حوالي سان پنهنجو لکت ۾ جواب جمع ڪرايو. عدالت ٻنهي ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ڪيس تي وڌيڪ ٻڌڻي 19 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو