مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سڄي سنڌ ۾ پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي اميدوارن کي 33 سيڪڙو مارڪن تي پاس قرار ڏنو وڃي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چوڻ آهي ته سڄي سنڌ ۾ پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي اميدوارن کي 33 سيڪڙو مارڪن تي پاس قرار ڏنو وڃي. سنڌ هاءِ ڪورٽ 33 مارڪون کڻندڙ اميدوارن جي درخواست تي تعليم کاتي ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 33 مارڪون حاصل ڪندڙ وڌيڪ اميدوارن ڪيس ۾ ڌر ٿيڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. درخواست گذارن جي وڪيل سجاد چانڊيو عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو ته اڳوڻي حڪومت ۾ هارڊ ايرياز جي نالي تي من پسند ماڻهن کي 33 مارڪن تي پاس ڪيو ويو، اسان چاهيون ٿا ته سموري سنڌ ۾ ڀرتين جو هڪ ئي قانون هجي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته تعليم واري اڳوڻي وزير سردار شاهه ٿرپارڪر جي علائقي مان 33 مارڪون کڻندڙ من پسند اميدوارن کي آفر آرڊر ڏنا، عدالت ڌرين کان جواب طلب ڪندي ٻڌڻي پهرين نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو