مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ماڙي جلباڻي ۾ ماريل چارئي ڳوٺاڻا بي گناهه ۽ معصوم هُجڻ جو اعتراف

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ايس ايس پي شهيد بينظير آباد سنڌ هاءِ ڪورٽ آڏو بيان ۾ اعتراف ڪيو آهي ته ماڙي جلباڻي ۾ مارجي ويل چارئي ڳوٺاڻا بي گناهه ۽ معصوم شهري هئا، مارجي ويل ڳوٺاڻن خلاف ڪو به ڪيس داخل ٿيل نه آهي، چارئي ڳوٺاڻا ڳوٺ ۾ لڪي ويٺل ڏوهارين جي فائرنگ ۾ مارجي ويا. سنڌ هاءِ ڪورٽ ايس ايس پي کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته جڏهن پوليس ۽ رينجرز پهتي ته ڇا ڳوٺاڻا اڳ ئي ڇتين تي تيار ويٺا هئا؟ جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر ۽ ايس ايس پي کان جي آءِ ٽي ۽ ٻين ڌرين جون رپورٽون طلب ڪري ورتيون. عدالت سنڌ حڪومت ۽ رينجرز کان به جواب طلب ڪري ورتو آهي. درخواست گذار ذوالفقار جلباڻي ۽ ٻين پاران واقعي جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي، واقعي ۾ ملوث اهلڪارن کي گرفتار ڪرڻ جي به استدعا ڪئي وئي آهي. عدالت چيو ته ڊسٽرڪٽ سيشن جج جي سربراهي ۾ جي آءِ ٽي جوڙيون ٿا، عدالت ايندڙ اربع تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو