مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪينسر جي هڪ دوا عمر پڻ وڌائي سگهي ٿي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

نيوزي لينڊ جي ماهرن بين الاقوامي سائنسي جريدي ۾ پنهنجي تحقيق جي حوالي سان چيو آهي ته ڪينسر ۾ استعمال ٿيندڙ دوا زندگي جو عرصو وڌائي سگهي ٿي. هيءَ تحقيق جامعه آڪلينڊ ڪئي آهي جنهن ۾ وچولي عمر جي تندرست ڪوئن کي ڪينسر جي دوا ڏني وئي. ان دوا سان انهن ڪوئن جي عمر ۾ لڳ ڀڳ ڏهه سيڪڙو اضافو ڏٺو ويو، جيڪو ٽن سالن جي برابر آهي. ماهرن ڪوئن کي ٻن گروپن ۾ تقسيم ڪيو ۽ ٻنهي کي هڪ جهڙي خوراڪ ڏني وئي جڏهن ته هڪ گروپ کي ”ايلپيليسب“ نالي دوا کارائي وئي، جن ڪوئن کي هيءَ دوا کارائي وئي اهي نه صرف ٻين ڪوئن جي مقابلي ۾ وڌيڪ ڏينهن جيئرا رهيا، پر پوڙهائپ ۾ سندن سَنڌ توانا رهيا ۽ جسم ۽ دماغ جي وچ ۾ مضبوط تعلق ڏسڻ ۾ آيو، جڏهن ته ڪوئن تي ڪيل تحقيق اسان انسانن لاءِ فائديمند ثابت ٿي آهي ۽ ان تي وڌيڪ تحقيق جاري آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو