مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پ پ جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي اڄ 44هين ورسي ملهائي پئي وڃي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي اڄ 44 ورسي ملهائي پئي وڃي. پ پ جي باني ۽ چيئرمين ذوالفقار علي ڀٽو جي 44هين ورسي جي موقعي تي اڄ سڄي سنڌ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي. پاڪستان جي گڏيل آئين جي جوڙجڪ، آئين جو قيام، ايٽمي پروگرام جي بنياد رکڻ ۽ سياست کي اشرافيه مان ڪڍي عوام تائين پهچائڻ، اسلامي ملڪن جو اتحاد. ذوالفقار علي ڀٽو جا اهي ڪارناما آهن جن کيس اڄ تائين زنده رکيو آهي. ذوالفقار علي ڀٽو کي قتل جي هڪ ڪيس ۾ 1979ع تي اڄوڪي ڏينهن ڦاهي ڏني وئي هئي. ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۽ 1973ع جو آئين ذوالفقار علي ڀٽو جي امانت آهن. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڏنل ڦاهي تاريخ عدالتي قتل قرار ڏئي چڪي آهي. 10 سال گذرڻ باوجود سپريم ڪورٽ اڃان تائين ڪابه راءِ ناهي ڏني.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو