مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

12 مئي سانحي کي 16 سال گذري ويا، قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

12 مئي سانحي کي 16 سال گذري ويا پر قاتل اڃان تائين گرفتار نه ٿي سگهيا آهن. جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو ٿيڻ جي باوجود ڪيسن ۾ خاص اڳڀرائي نه ٿي سگهي. 12 مئي 2007 جو ڏينهن ڪراچي وارا ڪڏهن به وساري نه سگهندا. ان ڏينهن ان وقت جي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي استقبال کي روڪڻ لاءِ رت جي راند کيڏي وئي. ڪراچي جي روڊن تي 50 کان وڌيڪ سياسي ڪارڪنن ۽ شهرين کي قتل ڪيو ويو. ايم ڪيو ايم اڳواڻ وسيم اختر سميت ڪارڪنن خلاف 26 ۽ گڏيل طور تي 60 ڪيس داخل ٿيا. ڪيسن ۾ 10 کان وڌيڪ گواهن جا بيان قلمبند ڪيا ويا. سنڌ هاءِ ڪورٽ 12 مئي سانحي جي جاچ لاءِ عدالتي ٽربيونل ۽ جي آءِ ٽي ٺاهڻ جو حڪم به ڏنو هو. عدالت سڳوري جي حڪم تي ڪيترائي ڪيس ٻيهر کوليا ويا جن ۾ ڪنهن به قسم جي اڳڀرائي نه ٿي سگهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو