مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل طرفان پاڪستان لاءِ 30 ارب ڊالر امداد جي اپيل

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو
  1. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاڪستان لاءِ 30 ارب ڊالرن جي امداد جي اپيل ڪري ڇڏي. اسلام آباد ۾ وزيراعظم سان گڏ ڳالهائيندي انتونيو گوتريس چيو ته پاڪستان ۾ ماحولياتي تبديلي سبب وڏي تباهي آئي آهي، ماحولياتي تبديلي جي ذميوار ملڪن کي پاڪستان جي مدد ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان لاءِ اها مدد ڏيڻ يڪجهتي جو اظهار نه پر انصاف ڪرڻ هوندو، ڇاڪاڻ ته پاڪستان کي ان ڏوهه جي سزا ملي آهي، جيڪو ٻين ڪيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف انتونيو گوتريس کي يقين ڏياريندي چيو ته عالمي امداد جو هڪ هڪ پئسو شفاف انداز ۾ متاثرين جي مدد لاءِ خرچ ڪيو ويندو. گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سنڌ سوڌو ٻين صوبن ۾ ٻوڏ سبب آيل تباهي جي جائزي لاءِ پاڪستان پهتو ته پرڏيهي کاتي جي مملڪتي وزير حنا رباني کر ايئرپورٽ تي سندس آجيان ڪئي. انتونيو گوتريس وزيراعظم شهباز شريف، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻوڏ متاثرن سان ملاقاتن لاءِ اڄ سکر پهچي ويو آهي، جنهن دوران کيس ٻوڏ جي تباهڪارين بابت بريفنگ ڏني ويندي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو