مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪوهه مري ويندڙ رستا سياحن لاءِ ناقص قرار، برفباري ۾ هنگامي صورتحال لاءِ حڪومتي مشينري غائب ۽ پارڪنگ به اڻلڀ، جاچ رپورٽ ۾ انڪشاف

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پنجاب حڪومت کي مري سانحي جي حوالي سان شروعاتي جاچ رپورٽ پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ اهم انڪشاف سامهون آيا آهن. پنجاب حڪومت کي مري سانحي تي پيش ڪيل شروعاتي رپورٽ موجب مري ۽ ڀرپاسي موجود روڊن جي گذريل ٻن ورهين کان مرمت نه ڪئي وئي هئي ۽ کڏن ۾ پوندڙ برف سخت ٿيڻ سبب ٽريفڪ جي رواني ۾ رنڊڪ پيدا ٿي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مري ۾ موجود هڪ نجي ڪيفي ٻاهران ترڪڻ هجڻ باوجود ڪا حڪومتي مشينري موجود نه هئي ۽ ان ئي ترڪڻ واري هنڌ تي مري مان نڪرندڙن جو مرڪزي ٻاهريون رستو هو، جنهن ڪري سياح ڦاسي پيا، رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته مري جي مختلف علائقن ۾ بجلي نه هجڻ سبب سياحن هوٽلن کي ڇڏي گاڏين ۾ رهڻ کي ترجيح ڏني. رات دير سان ڊي سي راولپنڊي ۽ سي پي او راولپنڊي جي مداخلت تي مري ۾ گاڏين جي اچڻ تي پابندي لڳائي وئي ۽ مري جي روڊن تي ٽريفڪ بند هجڻ سبب برف هٽائيندڙ مشينري جا ڊرائيور به وقت تي نه پهچي سگهيا، پر لاڳاپيل اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ڊي ايس پي ٽريفڪ جي رواني يقيني بڻائڻ لاءِ موجود هئا. رپورٽ موجب مري ۾ اهڙو ڪو پارڪنگ پلازا موجود ناهي، جتي گاڏيون پارڪ ڪري سگهجن، صبح 8 وڳي برف جو طوفان ختم ٿيڻ کانپوءِ انتظاميا حرڪت ۾ آئي. شروعاتي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 7 جنوري تي مري ۾ 16 ڪلاڪن ۾ 4 فوٽ برف پئي، 3 جنوري کان 7 جنوري تائين هڪ لک 62 هزار گاڏيون مري ۾ داخل ٿيون، گاڏين ۾ ويٺل 22 ماڻهو ڪاربن مونو آڪسائيڊ سبب فوت ٿيا، 16 جاين تي وڻ ڪِرڻ سبب ٽريفڪ بلاڪ ٿي، مري ويندڙ 21 هزار گاڏيون واپس موڪليون ويون. 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو