مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪورونا ڪيسن جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، ڪيترين اسپتالن ۾ جڳهه ختم ٿي وئي: مراد علي شاهه

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته عيد کانپوءِ صوبي ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ تيزي سان واڌ ٿي آهي. صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، هن وقت ڪيترين ئي اسپتالن ۾ جڳهه ختم ٿي چڪي آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ هڪ هفتي دوران ڪورونا جا 8.37 سيڪڙو ڪيس هاڪاري آيا. ڪراچي ۾ شرح 13 سيڪڙو کان وڌيڪ ۽ حيدرآباد ۾ 10 سيڪڙو کان وڌيڪ رهي آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي. هن وقت ڪيترين ئي اسپتالن ۾ جڳهه ختم ٿي چڪي آهي. مراد علي شاهه چيو ته مان هن وقت ڪجهه به کولڻ جي ڳالهه ناهيان ڪري رهيو، بازارون 8 جي بجاءِ هاڻ 6 وڳي بند ٿينديون. هوٽلن تي ڊائن ان ۽ ڊائن آئوٽ بند رهندي، پر ٽيڪ اوي ۽ هوم ڊليوري کليل رهندي. هن چيو ته ٽيڪ اوي تي عمل نه ٿيو ته دڪاندارن جي خلاف ايڪشن ٿيندو. سمورا ماڻهو ايس او پيز تي عمل ڪن. سنڌ جي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته سمورا اسڪول ۽ ڪاليج وڌيڪ ٻه هفتا بند رهندا.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو