مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪنهن شهري کان گهر نه کسيو وڃي سنڌ اسيمبلي ۾ قرارداد منظور، مخالف ڌر جو احتجاج ۽ ڪاپيون ڦاڙيون ويون

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

نيسلا ٽاور سميت غير قانوني عمارتن جي حوالي سان سنڌ اسيمبلي ۾ قرارداد اتفاق راءِ سان منظور، قرارداد ۾ سپريم ڪورٽ کان فيصلن تي نظرثاني جي درخواست ڪئي وئي. ان ڏس ۾ پيپلز پارٽي جي ايم پي اي ندا کهڙو طرفان نيسلا ٽاور جي حوالي سان پيش ڪيل قرارداد تي بحث ڪيو ويو. قرارداد ۾ حددخلين جي خلاف ڪارروائي بابت قانون ٺاھڻ جي درخواست ڪئي ويئي. قرارداد جي متن ۾ چيو ويو ته سنڌ ۾ انڪروچمينٽ جي خلاف ڪارروائي روڪي وڃي ۽ ڪنهن شھري کان گھر نه کسيو وڃي، قرارداد ۾ سپريم ڪورٽ کان فيصلن تي نظرثاني جي درخواست ڪئي وئي. قرارداد لاڳاپيل فورمز تي اماڻي ويندي. جڏھن ته سنڌ اسيمبلي ۾ نيسلا ٽاور ۽ حددخلين خلاف آپريشن جي مخالفت ۾ مهم خلاف قرارداد پيش ڪرڻ جي اجازت نه ملڻ تي اپوزيشن طرفان احتجاج ڪيو ويو. 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو