مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪراچي ۾ ٽڪ ٽاڪر سان پوليس اهلڪار پاران مبينا زيادتي جو انڪشاف

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڪراچي جي علائقي ڪورنگي جي زمان ٽائون ٿاڻي ۾ ٽڪ ٽاڪر امبرين سان مبينا زيادتي جو انڪشاف ٿيو آهي. ناري جو چوڻ آهي ته زمان ٽائون ٿاڻي تي پوليس اهلڪار عثمان جي خلاف شڪايت ڪرڻ ويس ته هن اتي به مون کي زيادتي جو نشانو بڻايو ۽ هڪ اهلڪار کي ٿاڻي جي گيٽ تي چوڪيداري لاءِ بيهاري ڇڏيو. ٽڪ ٽاڪر امبرين جو چوڻ آهي ته مون کي پوليس ۾ وڃڻ جو شوق هو، عثمان مون کي ٽڪ ٽاڪ ٺاهڻ جي لاءِ هٿيار ڏيندو هو ۽ موبائل ۾ گهمائيندو هو. ناري جو چوڻ آهي ته نوڪري ڏيارڻ جي بهاني پهريون ڀيرو هن گيسٽ هائوس ۾ زبردستي زيادتي جو نشانو بڻايو ۽ منهنجي وڊيو ٺاهي مون کي لاڳيتو بليڪ ميل ڪندو رهيو ۽ زيادتي جو نشانو بڻائيندو رهيو. ٻئي پاسي پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ناري سان زيادتي ۾ ملوث اهلڪار عثمان کي گذريل ڏينهن گلش اقبال مان گرفتار ڪيو ويو آهي، جوابدار کي ڀنگ لاءِ اغوا ڪيس ۾ 5 ساٿين سوڌو گرفتار ڪيو ويو. جوابدار جي خلاف زمان ٽائون ٿاڻي تي داخل ڪيل ڪيس ۾ اهلڪار کي هٿيار ڏيکاري مارڻ جي ڌمڪي ڏيڻ ۽ زيادتي جا قلم شامل آهن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو