مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪراچي ۾ غيرقانوني ترسيل افغانين جي ڏوهن ۾ ملوث هجڻ جو انڪشاف، آپريشن ۾ 46 گرفتار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

 ڪراچي ۾ غيرقانوني ترسيل افغانين خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو آهي، جنهن تحت سهراب ڳوٺ، لائنز ايريا ۽ ٻين علائقن ۾ پوليس جي نفري ڪارروائي ڪئي آهي .گهر گهر تلاشي ۽ بائيوميٽرڪ مشينن ذريعي غيرقانوني ماڻهن جي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي. ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ پاڪستان جي شڪست کانپوءِ افغانين پاران ڪراچي ۾ ريلي ڪڍي افغانستان جي حمايت ۽ پاڪستان جي خلاف جشن ملهايو هو. ان صورتحال بعد اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ کان صحافين مطالبو ڪيو هو ته افغانين کي گرفتار ڪري نيڪالي ڏني وڃي. پوليس ڪارروايون ڪندي عبدالحڪيم، ابراهيم، احمد، حمزا، عالم، امير ۽ ٻين سوڌو 46 غيرقانوني ترسيل افغانين کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس جي ڪاررواين دوران اهي انڪشاف به سامهون آيا آهن ته هي غيرقانوني ترسيل افغاني مختلف وارداتن ۾ ملوث آهن. شهر ۾ رهندڙ افغاني اسمگلنگ، ڦر، چوري ۽ حددخلين سميت اغوا جي وارداتن ۾ ملوث نڪتا آهن. اسپيشل برانچ ان حوالي سان مڪمل رپورٽ تيار ڪري ورتي آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو