مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪراچي کي ايم ڪيو ايم حوالي ناهي ڪيو، سنڌ ۾ ڪوبه نئون صوبو نه ٺهندو: وڏو وزير

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي ايم ڪيو ايم حوالي ناهي ڪئي، سنڌ ۾ ڪوبه نئون صوبه نه ٺهندو. ملڪ ۾ ڪٿي به اصلوڪي رهواسين جي مطالبي ۽ رضامندي کانسواءِ الڳ صوبا نه ٺهندا. وڏي وزير ڪالهه پنهنجي والد اڳوڻي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه جي 15 هين ورسي جي موقعي تي ڀان سيدآباد ويجهو پنهنجي ڳوٺ واهڙ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۾ الڳ صوبن جا مطالبا ٿي رهيا آهن، ليڪن پ پ ايم ڪيو ايم معاهدي ۾ ايڊمنسٽريٽو يونٽس متعلق پوائنٽس بابت وضاحت ڏيئي چڪا آهيون. هن چيو ته عمران حڪومت صوبن کي ٻڌڻ ئي ڇڏي ڏنو هو. هن ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف ڪراچي پهچي سنڌ جا مسئلا معلوم ڪيا ۽ ڀرپور تعاون جي خاطري به ڪرائي آهي. جنهن ڪري آئون جلد اسلام آباد وڃي سنڌ جي مسئلن جي حل بابت وڌيڪ ڳالهه ٻولهه ڪندس. وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ بلدياتي چونڊون ٻن مرحلن ۾ ڪرايون وينديون پهريون مرحلو 26 جون جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ جولاءِ ۾ بلدياتي چونڊن ڪرايون وينديون۔ هن چيو ته سنڌ کي پنهنجي حصي کان 50 سيڪڙو پاڻي گهٽ ملي رهيو آهي، جنهن ڪري پاڻي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. ان تي جلد ضابطو آڻينداسين.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو