مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪراچي يونيورسٽي ۾ آپگهاتي ڌماڪو، ٽن چيني استادن سميت 4 ڄڻا مارجي ويا

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڪراچي يونيورسٽي ۾ چيني استادن جي وين تي حملي ۾ ٽن چيني استادن سميت 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. ڪراچي يونيورسٽي ۾ چيني ٻولي جي تعليم ڏيندڙ ڪنفيوشس انسٽيٽيوٽ جي گيٽ تي عورت بمبار ان وقت پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، جڏهن چيني استادن جي وين اندر داخل ٿي رهي هئي. ڌماڪو ايترو شديد هو جو ان جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو، ويجهين عمارتن جا شيشا ڀڄي پيا ۽ ماڻهن ۾ خوف هراس پکڙجي ويو، جڏهن ته وين ۾ باهه لڳي وئي. واقعي جو اطلاع ملندي ئي رينجرز، پوليس، فائر برگيڊ ۽ ٻيا ادارا پهچي ويا، جن لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو. حملي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، ڪراچي يونيورسٽي جي رجسٽرار موجب مارجي ويلن ۾ 3 چيني استاد ۽ وين ڊرائيور شامل آهن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو