مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪراچي جي نجي اسڪول جي واش رومن ۾ ڳجهين ڪئميرائن جو انڪشاف

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڪراچي جي هڪ نجي اسڪول ۾ ماسترياڻين جي واش رومن ۾ ڳجهين ڪئميرائن جي موجودگي جو انڪشاف ٿيو آهي. سنڌ جي تعليم کاتي جو چوڻ آهي ته ڳجهين ڪئميرائن سان وڊيو ٺاهيون وينديون هيون، تعليم کاتي جي ٽيم اسڪول جي دوري دوران واش رومن مان ڳجهيون ڪئميرائون هٿ ڪيون، اسڪول جي رجسٽريشن رد ڪئي وئي آهي. تعليم کاتي جي اختيارين موجب عورتن ڳجهين ڪئميرائن بابت دانهن ڪئي هئي، اهي واش روم شاگردياڻيون پڻ استعمال ڪنديون هيون، جڏهن ته ڳجهيون ڪئميرائون مردن جي واش رومن مان به هٿ ٿيون آهن. تعليم کاتي جي ٽيم اربع ڏينهن اسڪول جو دورو ڪيو هو، دوري دوران عورتن جي واش رومن مان ڳجهيون ڪئميرائون هٿ ڪيون ويون، ويجيلنس ٽيم ڳجهين ڪئميرائن بابت رپورٽ تعليم کاتي کي جمع ڪرائي ڇڏي آهي ۽ اسڪول انتظاميا کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. تعليم کاتي وڌيڪ ڪارروائي لاءِ سومر تي اجلاس پڻ گهرائي ورتو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو