مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪالعدم ٽي ٽي پي سان ڳالهيون امن لاءِ ۽ آئين تحت ٿينديون

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله چيو آهي ته ڪالعدم ٽي ٽي پي سان ڳالهيون امن لاءِ ۽ آئين تحت ٿينديون. وزيراعظم هائوس ۾ پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي رانا ثناءُ الله چيو طئي ٿيو آهي ته ٽي ٽي پي سان ڳالهيون آئين تحت ٿينديون ۽ اهي ڳالهيون پارليامينٽ جي گائيڊ لائنز موجود ٿينديون. هن چيو ته قومي سلامتي ڪميٽي جي ڪارروائي تي پارليامينٽ ميمبرن کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان جلد پارليامينٽ جو ان ڪئميرا اجلاس گهرايو ويندو. سندس چوڻ هو ته يوٽرن ماهر عمران خان کان پڇيو وڃي ته آمريڪي سازش جو بيانيو ڪاڏي ويو؟ عمران خان آئي ڏينهن شوشا ڇڏيندو آهي، نيب سڌارن کانپوءِ هاڻ 90 ڏينهن جو رمانڊ نه ٿيندو، 90 ڏينهن جو رمانڊ نه ٿيڻ جو فائدو هاڻ تحريڪ انصاف جي ماڻهن کي ٿيندو. رانا ثناءُ الله چيو ته عمران خان ٻڌائي شهباز شريف خلاف ڪهڙا 70 ڪيس آهن؟ عمران خان رٽائرڊ ججن کي احتساب عدالتن ۾ لڳائي پنهنجي انتقامي ڪارروائي پوري ڪرڻ چاهي، عمران خان تي بي اعتمادي ته سندس پنهنجي اتحادين ڪئي، جن ووٽ ذريعي عمران خان وزيراعظم بڻيو، انهن ووٽن ذريعي ئي شهباز شريف وزيراعظم بڻيو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو