مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڏهين قومي مالياتي ڪميشن جي اجلاس دوران سنڌ ۽ وفاق ۾ اختلاف سامهون اچي ويا

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڏهين قومي مالياتي ڪميشن جي پهرئين اجلاس ۾ فنڊز جي معاملي تي سنڌ ۽ وفاق جا اختلاف سامهون اچي ويا. خزاني جي وزير حفيظ شيخ جي سربراهي ۾ ٿيل اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير پنهنجي حصي تان هٿ کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ فاٽا جي لاءِ اضافي فنڊز جي ڪٽوتي واري تجويز کي رد ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف وقاقي وزير حفيظ شيخ مراد علي شاهه کي ايندڙ اجلاس تائين سوچڻ جو مشورو ڏنو آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن حفيظ شيخ جي صدارت هيٺ ڏهين قومي مالياتي ڪميشن (اين ايف سي) جو اجلاس ٿيو هو جنهن ۾ چئن صوبن جي وڏن وزيرن شرڪت ڪئي هئي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو