مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پ پ جي سي اي سي هاڪاري فيصلا ڪيا آهن

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ مريم نواز وچ ۾ ملاقات دوران اتفاق ڪيو ويو آهي ته پيپلزپارٽي جِي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي هاڪاري فيصلا ڪيا، پ پ جِي تجويزن تي مشاورت بعد حتمي فيصلو پي ڊي ايم ڪندي. ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته بلاول ڀٽو پريس ڪانفرنس ۾ سٺيون ڳالهيون ڪيون، مفروضن تي نه هلنداسين، بلاول پهرين جنوري تي پي ڊي ايم جَي سربراهي اجلاس ۾ تجويزون پيش ڪندو، ننڍي چونڊ ۾ حصو وٺڻ يا نه وٺڻ جو فيصلو به پي ڊي ايم ڪندي، مريم چيو ته نواز شريف جو پاسپورٽ رد ڪيو ويو ته سڄي قوم ساڻس گڏ هوندِي، مولانا فضل الرحمان چيو ته نيب حڪومت جو هٿيار بڻيل آهي، خواجا آصف جِي گرفتاري انتقامي ڪارروائي آهي، گرفتاريون معمولي شيءِ آهي، اسان وڏي انقلاب ڏانهن وڃي رهيا آهيون، فضل الرحمان چيو ته ڳڙهي خدا بخش واري جلسي ۾ شرڪت لاءِ 2 ڏينهن پهريان دعوت ملي، مصروفيتن جَي ڪري جلسي ۾ نه وڃي سگهيَس.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو