مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پي ڊي ايم کي چونڊن ۾ ڪاميابي ملي، عوام اسان سان گڏ آهي: بلاول ڀٽو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پي ڊي ايم کي ننڍي چونڊ ۾ واضح ڪاميابي ملي. عوام اسان سان گڏ آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سينيٽ چيئرمين جي چونڊ ۾ پي ڊي ايم جو اميدوار ڪامياب ٿيو، پر پرزائيڊنگ آفيسر پنهنجي مرضي جو نتيجو ڏنو. هن چيو ته جائز ووٽ رد ڪري پنهنجي اميدوار کي ڪرسي تي ويهاريو ويو. پ پ جي چيئرمين چيو ته صوبن ۾ حڪومت جو ڄمي مقابلو ڪيو، پي ڊي ايم جي اميدوار کي 49 ۽ حڪومتي اميدوار کي  48 ووٽ مليا. هن چيو ته عدالتي فيصلو ايندو ته خبر پئجي ويندي ته سينيٽ ۾ به حڪومت کي شڪست ملي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سڀاڻي اسان جو سربراهي اجلاس ٿيندو جنهن ۾ آئنده جو لائحه عمل طئي ڪنداسين. حيدرآباد ۾ وڻڪاري مهم تحت هڪ لک ٻوٽا لڳايا ويندا.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو