مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پي ڊي ايم جي اسٽيرنگ ڪميٽي جو اهم اجلاس سڀاڻي اسلام آباد ۾ طلب

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پي ڊي ايم جي اسٽيرنگ ڪميٽي جو اهم اجلاس سڀاڻي اسلام آباد ۾ ٿيندو. اجلاس ۾ 19 جنوري تي اليڪشن ڪميشن جي آڏو احتجاج ۽ مستقبل جي حڪمت عملي تي غور ڪيو ويندو. مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي ٿيندڙ اجلاس جي سلسلي ۾ سمورن لاڳاپيل ميمبرن کي شرڪت ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ 19 جنوري تي اليڪشن ڪميشن جي آڏو احتجاج جي حوالي سان حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي. ان کان علاوه پي ڊي ايم جو آئنده جو لائحه عمل به غور هيٺ رهندو. ٻئي طرف مسلم ليگ (ن) جي حڪومت خلاف احتجاج پهريان ئي جاري آهي. خواجه آصف جي گرفتاري جي خلاف پريس ڪانفرنس ڪندي (ن) ليگ جي مرڪزي اڳواڻ خواجه سعد رفيق جو چوڻ هو ته خواجه آصف سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ آيا آهيون. آمريت جي نالي تي جمهوريت کي داغدار ڪيو ويو. لاڏلي جي فرمائش تي خواجه آصف کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو