مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پي ٽي آءِ طرفان فاطمه ڀٽو کي پارٽي ۾ شموليت ۽ سينيٽر بنائڻ جي آڇ جو انڪشاف

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پوٽي فاطمه ڀٽو کي پي ٽي آءِ جي اهم شخصيت پاران پارٽي ۾ شموليت جي هڪ وڏي آڇ جو انڪشاف ٿيو آهي، پر هن ثابت قدم رهندي پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. شهيد محترمه بينظير جي ورسي جي موقعي تي فاطمه ڀٽو کي پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ اڳوڻي وزير اعليٰ ارباب رحيم ۽ ملڪ جي موجوده گورنر عمران اسماعيل سميت هڪ اهم شخصيت سياست ۾ آڻڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون، ارباب رحيم ان حوالي سان ٻڌايو ته فاطمه ڀٽو سياست ۾ اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته سندس ڀاءُ به سياست ۾ نه ايندو. گذريل مهيني لنڊن ۾ ذلفي بخاري، شهيد مرتضيٰ ڀٽو جي ويجهي دوست ۽ اڳوڻي وزيراعليٰ ڄام صادق علي جي پٽ سبوق مجيد، جنهن مرتضيٰ ڀٽو کي ملڪ آندو هو ۽ پاڪستان اچڻ تي ساڻس گڏ هو، آمريڪا ۾ هڪ اڳوڻي سفير به ٽنهي فاطمه ڀٽو سان ٽي ملاقاتون ڪيون هيون ۽ موجوده حڪومت ۾ فاطمه ڀٽو کي سينيٽ ۾ آڻڻ جي ڪوشش به ڪئي ۽ شوڪت ترين کان اڳ هن کي اهڙي آڇ ڪئي وئي هئي، پر فاطمه ڀٽو انڪار ڪندي اهڙي آڇ کي رد ڪندي چيو ته منهنجي رڳن ۾ ڀٽو جو رت آهي، منهنجو ڏاڏو ۽ پڦي بينظير ڀٽو آخري نصيحت ڪري ويا هئا ته ڀٽا پنهنجي جان قربان ڪري ڇڏيندا پر وڪامجندا ڪونه ۽ ڀٽو ازم نظريو ختم نه ٿي سگهندو. فاطمه ڀٽو ملاقاتن ۾ چيو ته آصف زرداري، بلاول، آصفه ۽ بختاور سان اسان جا خون جا رشتا آهن، سياست مختلف شيءِ آهي، سياست خاطر رت جي رشتن کان منهن ڦيري نٿا سگهون.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو