مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پي ٽي آءِ جي باغي ميمبرن خلاف ريفرنس منظور، 25 ميمبر ڊي سيٽ قرار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اليڪشن ڪميشن پنجاب اسيمبلي ۾ حمزا شهباز کي وڏي وزير جو ووٽ ڏيندڙ پي ٽي آءِ جي 25 باغي ميمبرن کي ڊي سيٽ ڪري ڇڏيو. چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا تحريڪ انصاف جي باغي ميمبرن خلاف ريفرنس تي محفوظ فيصلو ٻڌائيندي چيو ته اتفاق راءِ سان باغي ميمبرن کي ڊي سيٽ قرار ڏنو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن جي فيصلي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته تحريڪ انصاف جا ميمبر حمزا شهباز کي ووٽ ڏئي باغي ٿيا. اليڪشن ڪميشن پاران  پاڪستان تحريڪ انصاف جي جن ميمبرن کي ڊي سيٽ  ڪيو ويو آهي انهن 25 ميمبرن ۾ راجا صغير  احمد، ملڪ غلام رسول سنگا، سعيد اڪبر خان، محمد اجمل، عليم خان، نذير جوهاڻ، محمد امين ذوالقرنين، ملڪ نعمان لنگڙيال، محمد سلمان، زوار وڙائچ، نذير احمد خان، فدا حسين، زهرا بتول، محمد طاهر، عائشه نواز، ساجدا يوسف، هارون عمران گل، عظميٰ ڪاردار، ملڪ اسد، اعجاز مسيح، سبتين رضا، محسن عطا خان کوسو، ميان خالد محمود، مهر محمد اسلم ۽ فيصل حيات شامل آهن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو