مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پيپلز پارٽي ايندي ته ٺيڪ، نه ته پي ڊي ايم لائحه عمل جوڙيندي، نواز شريف ۽ فضل الرحمان وچ ۾ اتفاق

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان نواز شريف جو پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي.

ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطي ۾ سياسي حڪمت عملي ۽ پي ڊي ايم اتحاد جي ايندڙ لائحه عمل تي صلاح مشورو ڪيو ويو. ذريعن موجب ٻنهي اڳواڻن چيو ته استعيفائن جي معاملي تي پيپلز پارٽي جي جواب جو انتظار آهي، پيپلز پارٽي اچي ٿي ته ٺيڪ آهي، نه ته 9 جماعتون لائحه عمل جوڙينديون. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي اڳواڻن پيپلز پارٽي جي جواب کانپوءِ پي ڊي ايم جو اجلاس گهرائڻ تي اتفاق ڪيو ۽ لانگ مارچ ۽ استعيفائن متعلق لائحه عمل تي به مشاورت ڪئي وئي. ذريعن موجب نواز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان جي وچ ۾ جيل ڀريو تحريڪ تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو