پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ حمزه شهباز ڪوٽ لکپت جيل مان آزاد
پنجاب اسميبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ حمزه شهباز کي ڪوٽ لکپت جيل مان آزاد ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ احتساب عدالت آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ حمزه شهباز جي آزادي جا نوٽيس جاري ڪيا. احتساب عدالت ۾ ڊيوٽي جج اڪمل خان جي آڏو حمزه شهباز جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرايا ويا. مچلڪا ادريس ڀٽي ۽ عديل طرفان جمع ڪرايا ويا جڏهن ته چوڌري مسعود اختر ضمانتي جي طور تي پيش ٿيو. عدالت قرار ڏنو ته لاهور هاءِ ڪورٽ حمزه شهباز جي ضمانت منظور ڪئي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟