مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پاڪستان ۾ حڪومت جي تبديلي تي آمريڪا جو اهم بيان سامهون اچي ويو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پاڪستان ۾ حڪومت جي تبديلي تي آمريڪا رد عمل ڏيندي چيو آهي ته قيادت ڪهڙي به هجي جمهوري پاڪستان آمريڪي مفادن لاءِ اهم آهي. وائٽ هائوس جي ترجمان جين ساڪي ميڊيا بريفنگ ۾ چيو ته قيادت ڪا به هجي خوشحال ۽ جمهوري پاڪستان آمريڪي مفادن لاءِ اهم آهي ۽ ان ڳالهه ۾ ڪابه تبديلي ناهي آئي. جين ساڪي جو وڌيڪ چوڻ هو ته آئيني ۽ جمهوري اصولن تي پرامن طريقي سان عملدرآمد تي يقين رکون ٿا ۽ قانون جي حڪمراني ۽ قانون تحت برابر انصاف جي اصولن جي حمايت ڪريون ٿا. هن چيو ته آمريڪا پاڪستان سان پراڻي سهڪار کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، سدائين خوشحالي ۽ جمهوري پاڪستان کي آمريڪي مفادن لاءِ اهم سمجهيو آهي ۽ قيادت ڪهڙي به هجي ان ۾ ڪا به تبديلي ناهي ايندي. آمريڪي صدر جي وزيراعظم شهباز شريف کي فون ڪرڻ بابت سوال جي جواب ۾ وائيٽ هائوس جي پريس سيڪريٽري جو چوڻ هو ته مستقبل ۾ فون ڪالز بابت هن وقت مون وٽ چوڻ لاءِ ڪجهه به ناهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو