مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پاڪستان تي ڀلي ڪيترو به دٻاءُ وڌو وڃي، چين سان لاڳاپن ۾ ڪابه تبديلي نه آڻينداسين: وزيراعظم

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پاڪستاني چيني صدر جي ڪرپشن خلاف جنگ کي ساراهين ٿا، پاڪستان ۾ چيني صدر شي جِن پِنگ کي جديد دور جو عظيم ليڊر سمجهيو وڃي ٿو، چيني صدر جي ڪرپشن خلاف مهم اثرائتي ۽ ڪامياب رهي، وزيراعظم عمران خان چيني ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آهي ته پاڪستان تي ڀلي ڪيترو به دٻاءُ وڌو وڃي، چين سان لاڳاپن ۾ ڪابه تبديلي نه آڻينداسين، چين سان ويجها ۽ گهرا لاڳاپا آهن، چين هر ڏُکئي وقت ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي آهي، سي پيڪ منصوبن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي اٿئون، آئون پاڻ به ايندڙ هفتي گوادر وڃي سي پيڪ منصوبن جو جائزو وٺندس، وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته سي پيڪ سان پاڪستان جو اقتصادي مستقبل واڳيل آهي، چين سان لاڳاپن تي پاڪستان مٿان دٻاءُ آهي، ھن چيو ته ڀل ڪيترو به دٻاءُ وڌو وڃي، چين سان لاڳاپا برقرار رهندا، ايندڙ هفتي گوادر وڃي سي پيڪ منصوبن جو جائزو وٺندس.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو