مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پاڪستاني ٻار موڪلن دوران ڪروڙين رپيا ڪمائي ورتا

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پاڪستان ڄائو برطانوي ٻار بن يامين احمد اسڪول جي موڪلن دوران ڪروڙين رپيا ڪمائي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. هن اها رقم گھر ويٺي ڪمپيوٽر جو استعمال ڪندي ڪمائي ۽ هو ايتري رقم ڪمائيندڙ دنيا جو گھٽ عمر وارو پروگرامر بڻجڻ تي گھڻو پرجوش آهي. بن يامين احمد اسڪول جي موڪلن دوران 3 لک پائونڊ (6 ڪروڙ 89 لک کان وڌيڪ پاڪستاني رپيا) ڪمائي انوکو ڪارنامو انجام ڏيئي ڇڏيو. بن يامين احمد هڪ خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي انڪشاف ڪيو ته اسڪول جي موڪلن دوران هن اها رقم ويئرڊ وهيل (Weird wheel) نالي ڊجيٽل تصويرن تي ٻڌل ويب سيريز جي تياري ۽ بلاڪ چين اونر شپ اسٽور تي ٽوڪن وڪرو ڪري حاصل ڪئي آهي. بن يامين احمد ويب سيريز، ڪوڊنگ ذريعي پنجن هفتن ۾ تيار ڪئي ۽ پوءِ ان کي وڪري لاءِ پيش ڪري ڇڏيو جنهن کانپوءِ سندس آرٽ ورڪ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو. ذهين ٻار ٻڌايو ته هو بينڪ اڪائونٽ کانسواءِ ايتري رقم ڪمائيندڙ دنيا جو گھٽ عمر وارو پروگرامر بڻجڻ تي گھڻو پرجوش آهي. جڏهن ته سندس پيءُ به سافٽ ويئر ڊولپمينٽ انجنيئر آهي. بن يامين احمد موجب ويب سيريز جي تياري کان اڳ سندس ٽوئيٽر تي ڪجهه فالوئرز هئا، پر هاڻ خوش قسمتي سان هن جا ٽوئيٽر تي 12 لک فالوئرز آهن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو