مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

وفاقي حڪومت سنڌ کي پنهنجي حصي جي پاڻي کان محروم رکڻ وارو سلسلو بند ڪري: سسئي پليجو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ سينيٽر سسئي پليجو چيو آهي ته هڪ دفعو ٻيهر سنڌ کي پنهنجي حصي جي پاڻي کان محروم رکيو پيو وڃي. ارسا سنڌ ۾ ڄاڻي واڻي ڏڪار واري صورتحال پيدا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هن وقت صورتحال اهڙي ٿي وئي آهي جو ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم تي پاڻي نه هجڻ جي برابر آهي. خاص ڪري سنڌ جي سامونڊي پٽي وارا علائقا بدين ٺٽو ۽ ٻين ضلعن ۾ پاڻي جي کوٽ واري صورتحال برقرار آهي. سنڌ جي ارسا واري ميمبر به ارسا چيئرمين کي احتجاجي خط لکيو آهي. ڪينالن کي غير قانوني وهائڻ بند ڪيو وڃي. سنڌ جو پاڻي ٻين صوبن کي ڏنو پيو وڃي. هڪ سازش تحت سنڌ سان هن سيزن ۾ اهڙي صورتحال پيدا ڪئي پئي وڃي. سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه ملڻ سبب صوبي جا هاري وقت تي فصل پوکي نه پيا سگهن. بدين، سجاول، ٺٽي سميت سامونڊي علائقا پاڻي جي سخت کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن. سسئي پليجو چيو ته هن وقت دريائن ۽ ڪينالن ۾ جيترو به پاڻي موجود آهي ڪوشش ڪئي وڃي ته ان جي برابري جي بنياد تي ورهاست ڪئي وڃي. وفاقي حڪومت سنڌ کي نقصان پهچائڻ بند ڪري، پاڻي نه ملڻ سبب سنڌ جا هاري پريشان آهن. پ پ سينيٽر چيو اڳ ئي ڪورونا ۽ گذريل برساتن سبب سنڌ جي زراعت کي ڪافي نقصان پهتو آهي. جنهن جي عمران خان جي حڪومت ڪابه مدد نه ڪئي آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو