مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

وزيراعظم عمران خان اڄ هڪ ڏينهن جي دوري تي لاهور روانو ٿيندو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

وزيراعظم عمران خان اڄ هڪ ڏينهن جي دوري تي لاهور روانو ٿيندو جتي وزيراعليٰ هائوس ۾ ان جي ۽ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جي ملاقات ٿيندي. وزيراعظم سان ملاقات دوران پنجاب جو وڏو وزير کيس صوبي جي معاملن بابت بريف ڪندو. ان کان علاوه وزيراعظم کي قبضا مافيه جي خلاف قدمن تي ٻڌل پلان بابت بريفنگ ڏني ويندي. لاڳاپيل اختيارين وزيراعظم کي قبضا مافيا جي خلاف هينئر تائين جي قدمن ۽ آئنده جي لائحه عمل کان آگاهه ڪندا. لاهور جي دوري دوران قبضه مافيا جي خلاف هينئر تائين حاصل ڪيل ڪاميابي کان به وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويندو. قبضه مافيا جي خلاف سڄي پنجاب ۾ تيزي آڻڻ جي لاءِ ڪيتريون ئي حددخليون هٽائڻ جي منظوري ورتي ويندي. وزيراعظم کي ايگريڪلچر مارڪيٽنگ جي حوالي سان به بريف ڪيو ويندو. وزيراعظم گوجرانوالا، شيخو پوره روڊ منصوبي جي پيڙهه جو پٿر به رکندو ۽ اڄ پنجاب جي صنعتي ادارن جي لاءِ انسپيڪٽر ليس رجيم جو افتتاح به ڪندو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو